اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان کي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلينسڪي ٽيليفون ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم عمران ??ان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل جي لاءِ پاڪستان ??ي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم عمران ??ان يوڪرين ۾ جاري عسڪري تڪرار تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ??ي اصولي موقف کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته هو اسرندر ملڪن تي تڪرار جي منفي معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪري رهيا آهن جيڪو تيل ۽ شين جي وڌندڙ قيمتن مان ??اهر ٿئي ٿو. وزيراعظم عمران ??ان ??ام شهرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ ماڻهن جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي سامان ??ي فراهمي لاءِ 2 سي – 130 جهاز روانا ڪيا. اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي تازي اجلاس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻڌايو ته اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن يوڪرين جي تڪرار جي ڪري سيڪيورٽي ۽ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزيرن فوري طور تي جنگ بندي جي خاتمي تي زور ڏنو ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن پاران ڳالهين واري عمل جي حمايت ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ??هڙا غيرجانبدار ملڪ ??نگبندي ۽ تڪرار جي سفارتي حل جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم عمران ??ان يوڪرين جي عملدارن پاران پاڪستاني شاگردن ۽ شهرين سان گڏوگڏ سفارتي عملي جي انخلا ۾ مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻين ملڪن پاران سفارتي حل جي سهولت جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي پڻ ساراهيو.