اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??اڪستان جي عوام جو رت چوسي غريبن جي پئسي تي پلجندڙ اڄ حڪومت ۾ ڪفيل ڳو??ي رهيا آهن، مافيا جا سرغنه لنڊن ۾ آهن، خواجه آصف صاحب کي گهرجي ته اتي رابطو ڪري، پارليامينٽ هائوس ٻاهران مخالف ڌر پارٽين جو احتجاج انهن جي سيا??ي محرومين جي ماتم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ??خالف ڌر پارٽيون عوام جي لاءِ نه پنهنجي سيا??ي مفادن جي لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن، انهن جي پيٽ ۾ عوام جي همدردي جو نه پر پنهنجي ڪرپشن ۽ اقتدار جو سُور ٿي رهيو آهي.