اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ پوري قوم جي مدد سان ئي کٽي سگهجي ٿي، ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ غريب طبقي جو ڌيان رکڻ سڀني کان وڏو چئلينج آهي، ٽرانسپورٽ جي بندش سان مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، خوف ۽ گهٻر??ئٽ ۾ ڪيل فيصلن سان مثبت نتيجا نٿا نڪرن، گذريل ڏينهن تائين پاڪستان ۾ ڪرونا جا 900 حقيقي مريض هئا جنهن مان صرف 153 مقامي آهن، ??ڌيڪ متاثري ٻاهرين ملڪن کان آيل آهن، ??لڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙن جو انگ تمام گهٽ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني اڳواڻن جي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريع?? خطاب ڪندي ڪيو.