اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو ??هي، شين جي گهرج ۽ ضرورتن تي اهو پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي سگهبو، عيدالفطر کانپوءِ به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌيڪ يوٽي??ٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دالين ۽ چانورن سميت 19 شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يوٽي??ٽي اسٽورز تي شين جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻ?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙين ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌيڪ 500 يوٽي??ٽي اسٽورز کوليا ويندا، يوٽي??ٽي اسٽورز وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي ج?? ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازال?? ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽي??ٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.