اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان سميت عالمي برادري کي مدد فراهم ڪرڻ تي صحت جي عالمي اداري کي ساراهيو آهي، وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڪوويڊ 19 ??اب?? سفري پابندين جي خاتمي ۽ ڊيٽا تي ٻڌل غيرامتيازي سفري قاعد?? کي يقيني بڻائڻ ۾ صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل تيدروز ا??ان??م سان وڊيو ڪانفرنس دوران چئي.