اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آگسٽ 2018ع کان 2020ع جي ٻن سالن جي مدي دوران اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزارت ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ، سياحت جي فر??غ ۽ قومي سطح تي رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ ٻه طرفي رابطن جي فروغ لاءِ قدم کنيا جنهن جو ماضي ۾ کوٽ هئي، سمورن ميڊيا جي سرڪاري اش??ها??ن جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ، اداره جاتي سڌارن جي ذريعي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس اف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي سي) ۽ ايس آر بي سي کي ڊجيٽلائيز ۽ جديد رخن تي آندو ويو، ٻن سالن جي دوران اخبارن، رسالن ۽ خابرو ادارن جي رجسٽريشن جي عمل کي اسٽريم لائن ڪيو ويو، صحافين ۽ صحافتي تنظيمن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مالي مدد کي شفاف بڻائڻ کانسواءِ فلمي صنعت جي ترقي ۽ فر??غ ۽ اش??ها??ي پاليسي (بشمول ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي طريقيڪار) جي نئين سر جوڙ??ڪ ۽ فنڪارن جو ڊيٽا بيس قائم ڪيو ويو، عهد نو، جدوجهد ۽ ڪاميابي جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جاري ڪارڪردگي رپورٽ ۾ مختلف وزارتن، ڊويزنن، کاتن جي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ اطلاعات ??ار?? وزارت ۽ نشريات جي ڪارڪردگي رپورٽ به جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب آگسٽ 2016ع کان اڳ ميڊيا انڊسٽري جي سهولت ۽ ترقي لاءِ قاعدن، ضابطن جو کوٽ هئي جنهن کي بهتر بنائڻ لاءِ موجوده حڪومت مختلف پاليسيون متعارف ڪرايون، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزارت جي مختلف شعبن کي ترقي ڏيڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا انهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جو قيام، اش??ها??ي پاليسي، (بشمول ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي طريقيڪار) جي جوڙجڪ، علائقائي اخبارن لاءِ اش??ها??ي فريم ورڪ جي تياري، فلم پاليسي جو لاڳو، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو ۽ سرڪيوليشن (اي بي سي)، سينٽرل ميڊيا لسٽ جي جدت ۽ نئين سرجوڙجڪ عمل۾ آندي وئي، پهريون ڀيرو پاڪستاني فنڪارن جي ڊيٽا بيس تيار ڪئي وئي ۽ انفارميشن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو، مستحق صحافين ۽ صحافتي تنظيمن خاص طور تي پريس ڪلبن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان ڏنل امدادي رقم جي ورڇ جي طريقيڪار کي شفاف بڻايو ويو.