اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ صنعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته بجلي مهانگي ٿي آهي ۽ ٿيندي ۽ ان جا ذميدار اڳوڻن دو??ن ۾ ٿيندڙ آءِ پي پيز جا مهانگا معاهدا آهن، شهباز شريف اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن جهڙوڪ هو ڪنهن ٻي ملڪ مان آيل هجي، مخالف ڌر اهڙو ڪو دليل پيش نه ڪيو جنهن مان اندازو لڳائي سگه??ي ته هي اهل مخالف ڌر آهي ۽ شين جو گهرائي سان جائزو وٺندي آهي، سموريون ڳالهيون کوکلي ۽ فقط لفظن جي راند هيون، پريس ڪانفرنس ۾ جن مسئلن جو ذڪر ڪيو اهي انهن جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، عام چونڊن ۾ عوام کين رد ڪري چڪي آهي، ان جو صرف هڪ ئي ايجنڊا هئي جيترو مال بڻائي سگهو ٿا بڻايو، ان مقصد لاءِ هن هر اداري کي ڪمزور ڪيو ۽ مني ل??نڊرنگ لاءِ مددگار ماڻهو انهن ادارن ۾ ويهاريا، اشرافيا جو طعنو ڏيندڙ جي پريس ڪانفرنس پاڻ اشرافيه جي نمائندگي هئي، اسان خيبرپختونخوا ۾ يونيورسل صحت بيمه پروگرام متعارف ڪرائي چڪا آهيون، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻ?? سالن جي دو??ان تقريبن 10 ارب ڊالر جا قرض واپس ڪيا، ن ليگ جي دو?? ۾ عالمي ادارن پاڪستاني معيشت کي ڊائون گريڊ ڪيو جنهن کي اسان مثبت طرف وٺي آيا آهيون، ن ليگ جي ڪرپشن ۽ غلط پاليسين جي ڪري اسان کي معاشي بهتري ل??ءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان جي دو?? ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب کان گهٽ ٿي ڪري 3 ارب ڊالر تائين اچي ويو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو جيڪو هاڻي مستحڪم آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ٻنهي وفاقي وزيرن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس جي دو??ان ڪيو.