اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف عل??ي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي عوام جي زندگين ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متحرڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته جيئن تنظيم جي ميمبر ملڪ?? ۾ ??ڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. هتي ايوان صدر ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪ??ر عارف عل??ي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئلن تي ٻڌل لاڳاپن جي ??ري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا درپيش آهن، هن چيو ته ڀارت پاران غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻين اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.