اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر جي تشخيص ۾ دير هاڃيڪار ثابت ٿي سگه?? ٿي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??ها ڳالهه هن پ??هنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪ??نسر کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم احتياطي تدبيرون عورتن جي لاءِ هڪ سادو پيغام آهي، اُهو اِهو ته پنهنجي ڇاتيءَ جو پاڻ معائنو ڪن ۽ جيڪڏهن ڪا مشڪوڪ سوڄ آهي ته ان جي وڌيڪ تشخيص ڪرائين.