اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته صحت مند ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ عورتن جو صحت مند هجڻ ضروري آهي، ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي، عورتن ۾ بيماري جي حوالي سان شعور آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، ??وش?? ميڊيا ۽ خاص طور تي پ??رليامينٽ جي عورت ميمبرن کي پنهنجو خصوصي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه هن هتي پ??رليامينٽ هائوس ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۽ واڪ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جون عورت ميمبرن سميت معاشري جي م??تلف طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو.