اسلام آباد ??? 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي عوام کي رليف جي فراهمي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زميني حقيقتن موجب جامع ڊيٽا هر زندگي جي شعبي بابت فيص??اس??زي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي دوري جي موقعي تي بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. وف??قي وزير کي ڳڻپ واري ڊويزن جي عملدارن پاران ضرور?? شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن بابت بريفنگ ڏني، وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هر وزارت جو پنهنجو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو نظام هجڻ گهرجي، سينٽرلائزڊ ڊيٽا سان ڳنڍيل هجي، جامع ڊيٽا سان ضرور?? شين جي گهرج، پهچ، پيداوار، ذخيري، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي هدفن جو پتو پئجي سگهندو، بار ڪوڊنگ سان اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته جامع ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجيڪل، افرادي قوت سميت هر طريقيڪار جو استعمال ڪيو وڃي. جامع ڊيٽا، انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.