اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز ٻئي گڏجي جمهوريت کان بهترين انتقام وٺي رهيا آهن، پئسي سان ??اڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??دا آهن ۽ پوءِ جمهوريت جي پويان ??ڪي ??ين??ا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پار??ين تي قبضو ڪندڙ ايترا اهل ۽ لائق هجن ها ته ڪارڪن جي طور تي پارٽي ۾ اچن ها. موروثي سياست ڪندڙ پنهنجي ٻارن کي قوم مٿان ??ڙهڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام انهن جي دوکي ۾ نه ايندي، اهي چاهين ٿا ته لُٽ مار جو اهو ڪاروبار انهي طرح جاري رهي. قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪرپشن جي انهن فرنچا??يز جو خاتمو ڪرڻو آهي يا کين لُٽڻ جو لائسنس ڏيئڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف جيڪڏهن ووٽ جي عزت تي يقين رکي ها ته پاڪستان ۾ هجي ها، مولانا فضل الرحمان ??نهنجي پٽ کي پنهنجي گادي جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي.