اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته هي اسلامي دنيا تي آزمائش جو وقت آه??، قبله اول تي حملو اسلامي دنيا تي حملو آه??، 27 رمضان المبارڪ تي اسرائيل قبله اول مسجد ??قصيٰ تي حملو ڪري پوري مسلما?? امت کي للڪاريو آه??، ان وقت کان هيستائين وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت هڪ لمحو به ضايع نه ڪيو، آمريڪا پاران سلامتي ڪائونسل جي امن جي لاءِ سفارشن کي ويٽو ڪري رڪاوٽ وڌي وئي، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه رهندي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فلسطين جي معاملي تي تاريخ جي صحيح رخ ۾ تي بيٺل هوندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي ڪڏهن به آنچ اچڻ نه ڏيندي، جمعي 21 مئي تي پوري قوم فلسطينين سان پرامن ۽ شائسته انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪري. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پوري ايوان کي مبارڪباد ڏني ته حڪومت جا هٿ ان اتفاق راءِ سان مضبوط ٿيندا ۽ پاڪستان جو وقار بلند ٿيندو.