اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي ??لامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي ??ڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي ??ي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي ??يان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪ??هن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.