اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان عملي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آ??ي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن ج?? ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آ??ي، هن چيو ته گر??ن ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نو??ن رستا ٺاهي رهي آ??ي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گر??ن يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آ??ي، ورلڊ اڪنامڪ فورم، بون چئلينج سميت عالمي ماحولياتي فورمز پاڪستان ج?? پذيرائي ڪري رهيا آهن.