اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان مسلم ڪانفرنس جي صدر سردار عتيق احمد خان ملاقات ڪئ??. م??اقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وزير علي امين گنڊاپور، پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ۽ پي ٽي آءِ جو جنرل سيڪريٽري عامر ڪياني پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿ??. م??اقات ۾ فيصلو ٿيو ته آزاد ڪشمير جُون ٻئي وڏيُون سياسي پارٽيون (پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ڪانفرنس) پنهنجي پنهنجي منشور موجب چونڊن ۾ شريڪ ٿينديون.