اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان متحده قومي موومينٽ جي پارليامينٽ جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪ??اچ?? ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ان موقعي تي وفاق جي ڪ??اچ?? ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ نئين اعلان ٿيل منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳ??له?? تي زور ڏنو ته موجوده حڪومت ڪ??اچ?? جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.