اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معاشي ۽ سائنسي ترقي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ فعال قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ترقياتي پاليسين جو فوڪس ترقياتي منصوبن سان انساني وسيلن جي ??ڪري ترقي طرف وڃي رهيو آهي، پاڪستان کي انساني وسيلن جي سائنسي ۽ فڪري ترقي جي ??اءِ جديد حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز (اين يو سي اي ايس) بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز ڊاڪٽر ايوب علي صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اين يو سي اي ايس جو چانسلر وسيم سجاد، سي??ري??ري جنرل فائونڊيشن براءِ ايڊوانسمنٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي غلام شبير، ميمبر بورڊ آف ??رس??ي ڊاڪٽر يو اي جي عيساڻي ۽ بورڊ آف گورنر جو ميمبر ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند، جسٽس (ر) ميانم حمد اجمل، احمد فاروق ۽ قيصر احمد شيخ شرڪت ڪئي، اين يو سي اي ايس جي ريڪٽر ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي ??روغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارنامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن ??ڌا??و ته اين يو سي اي ايس ملڪ جي ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انڊسٽري کي انساني وسيلا فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ هن وقت يونيورسٽي جا پنج ڪيپمس ۾ 13000 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، هن چيو ته سال 2000ع کان وٺي هيستائين 24000 شاگرد ڪمپيوٽرر سائنس، انجنيئرنگ، مينيجمينٽ ۽ هيومينٽيز جهڙن مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي، ريڪٽر اهو به ??ڌا??و ته ادارو ضروتمند ۽ هوشيار شاگردن کي هر سال 240 ملين روپين جي ??الي امداد ۽ وظيفا فراهم ڪندو آهي، هن وقت 1500 شاگرد يونيورسٽي جي ??راهم ڪيل مالي امداد مان فائدو کڻي رهيا آهن، ان موقعي تي صدر تعليم جي ??روغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي ساراهي?? ۽ ??جي شعبي سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ اڪيڊميه ۽ انڊسٽري جي ??چ ۾ رابطا ضروري آهن. هن هائبرڊ ۽ آن لائن تعليم جي ??راهيم تي خصوصي ڌيان سان گڏ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي شاگردن کي تيار ڪيو وڃي ۽ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.