اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير ??وڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپين تائين ??ڻي وينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ اي?? اي?? آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريبن تي بار نه وجهندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ن??ڻي واري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزارت جي ن??ڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي ر??ن تي بحث سهيڙيندي ن??ڻي واري وزير ??وڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي ن??ام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ٽيڪسيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏهن ته اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ اي?? اي?? وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ اي?? اي?? وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ارب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ن??ڻي واري وزير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽيڪو هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان جي ڪري آءِ اي?? اي?? وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ اي?? اي?? وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ٽيڪسيشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏهن ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا اي??دڙ سال 5 سيڪڙو تائين ??ڻي وينداسين. ٽيڪسيشن 4700 ارب رپين جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ اي??دڙ سال 58 سئو ارب رپين تي ??ڻي وينداسين.