اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين رحيم يار خان ۾ گنيش ??ند?? واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گنيش ??ند?? کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئ??، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملڻ گهرجي، پاڪستان هندستان نه آه??، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش ??ند?? واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس اف پاڪستان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آه??، هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي فرض آهي، اسان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري ف??اد حسين چيو ته وزيراعظم پاڪستان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ پاڪستان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آه??، هن چيو ته اسان کي پاڪستاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وفاقي وزير چيو ته انشاءُ الله پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جتي اقليتون مڪمل طور تي محفوظ هجن.