اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ خ??بر??ختونخواهه جي ميمبرن جي مقرري جي ل??ءِ مخالف ڌر اڳواڻ کي خط لکي ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ه?? چيو ته وزيراعظم عمران خان آئين جي آرٽيڪل 213 ۽ 218 موجب مخالف ڌر اڳواڻ کي اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي خالي جاين جي ل??ءِ خط لکيو آهي ۽ پنجاب ۽ خ??بر??ختونخواهه ۾ ٽي ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن. ه?? چيو ته انهن نالن تي مخالف ڌر جي جواب کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ مقرري ٿي سگهندي.