دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته خطي جي ملڪن خاص طور تاجڪستان جا سيڙپڪار انهن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، علائقائي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي حڪومت هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، جنهن سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، هن اها ڳالهه پاڪستان تاجڪستان بزنس فورم سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به وزيراعظم سان گڏ هو، ٻطرفو واپار وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکندڙ فورم واپار واري وزارت، سيڙپڪاري بورڊ ۽ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي تعاون سان منعقد ٿيو، فورم ۾ 67 پاڪستان جڏهن ته 150 ??اجڪ ڪمپنيون شريڪ ٿيون، فورم ۾ شريڪ ڪمپنين جو تعلق ٽيڪسٽائيل، چمڙي جي صنعت، فارماسيوٽيڪل، ايگريڪلچر، مائننگ، ٽوئرازم، لاجسٽڪس جي شعبن سان آه??، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کان 67 ڪمپنيون تاجڪستان آيون آه??، ٻنهي ملڪن جي واپارين کي سهولتون ڏيڻ بابت قدم کنيا وي??دا ۽ ڪاروباري ۾ آساني پيدا ڪئي وي??دي، تاجڪستان ۾ توانائي خاص طور تي پن بجلي جي حوالي سان تمام گهڻا موقعا موجود آه??، بدقمستي سان پاڪستان ۾ بجلي مهانگي آه??، اسان صاف، سستي پن بجلي مان فائدو و??ڻ جا خواهشمند آه??ون، ڪاسا 1000 منصوبي تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي، منصوبي جي جلد پڄاڻي چاهيون ٿا، 80 ملين ڊالر جو گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آه??، حڪومت ڪاروبار لاءِ مناسب سهولتون فراهم ڪري رهي آه?? ۽ ان سلسلي ۾ رڪاوٽون ختم ڪيون وي??ديون ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وي??ديون، وزيراعظم چيو ته ٻطرفي واپار سان نه رڳو معيشت پر عوام کي به فائدو پهچندو، افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 40 سالن جي جنگ کانپوءِ امن قائم ٿيو آه??. جامع حڪومت جي قيام سان پاڻ ۾ رابطا وڌندا، بزنس فورم ۾ سوالن ۽ جوابن جي وي??ڪ به ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ڪاروباري شخصيتن جي سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان ۽ خطي ۾ ڪاروباري موقعا اجاگر ڪيا ويا.