اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چي?? آهي ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ جو ايجنڊا ملڪ جي اندر فساد پکيڙڻ آهي، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ عالم سڳورا اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اسان رستن تي رت وهندي نٿا ڏسڻ چاهيون، اسان امن جي ذريعي معاملا حل ڪرڻ چاهيون ٿا، رياست کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، اسان وڏين وڏين دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني آهي، اهڙي طرح جا جٿا رياست جي اڳيان بيهي نٿا سگهن نه ئي کين برداشت ڪنداسين، پوري ملڪي قيادت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پويان بيٺل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ڪالعدم جماعت تحريڪ لبيڪ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چي?? ته هن وقت تائين ڪالعدم تحريڪ لبيڪ جي احتجاجي مظاهري ۾ 5 پوليس اهلڪار شهيد، 49 زخمي ٿيا ۽ 14 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. انهي جماعت جي گذريل احتجاج ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 700 زخمي ٿيا هئا، هن چي?? ته سڀني کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ رسول ﷺ جي نالي جو استعمال ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان جي قوم ئي نه پورو عالم اسلام نبي ڪريم ﷺ کي رحمت للعالمين سمجهي ٿو، پوري دنيا پاڻ صه ﷺ جي ذات ۾ رحمت تلاش ڪندي آهي. هن چي?? ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم آهي ته رستي ۾ پيل رڪاوٽ به هٽائي وڃي ته اها به نيڪي ۾ شمار ٿيندي. هن چي?? ته نبي ڪريم ﷺ هر بشر کي رحمت ۽ محبت جي نويد ٻڌائي آهي، عشق رسول ﷺ جو مطلب آهي ته هر بني نوع انسان سان محبت ڪئي وڃي، هن چي?? ته اسلام من ۽ آشتي جو مذهب آهي، اها ڳالهه انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي ته پاڻ صه ﷺ جو نالو ??يا??ت ۽ تصادم جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ اسلامو فو??يا ۽ سيرت النبي ﷺ جي حوالي سان عملي قدم کنيا، رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو مقصد به اهو هو ته اسلامو فو??يا ۽ اسلام جي منفي تاثر جي تدارڪ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، هن چي?? ته پاڪستان جي 97 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي، اسان جو يقين آهي ته محمد ﷺ الله جو آخري نبي آهي ۽ اهو اسان جي ايمان جو حصو آهي ان کانپوءِ ايمان ئي ممڪن ناهي ٿيندو، هن چي?? ته عالم سڳورن کي به موجوده صورتحال جي تناظر ۾ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چي?? ته حڪومت صبر جو مظاهرو ڪري رهي آهي پر ان کي رياست جي ڪمزوري نه سمجهيو وڇي، اسان وڏين وڏين دهشتگرد تنظيمن کي شڪست ڏني آهي، جٿا رياست جي اڳيان نٿا بيهي سگهن ٿا ۽ نه ئي کين برداشت ڪيو ويندو. هن چي?? ته اسان رستن تي ٽڪراءُ نٿا چاهيون، اسان ملڪ ۾ امن امان جي فضا قائم رکڻ چاهيون ٿا، اسان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي ماڻهو واپس هليا وڃن. هن چي?? ته رياست 22 ڪروڙ عوام کي ڏسڻو آهي، احتجاج جي ڪري جي ٽي روڊ تي ٽرڪن جون لائينون لڳل آهن، واپاري ۽ دڪاندار حڪومت ڏانهن ڏسي رهيا آهن، پرامن احتجاج هر هڪ جو حق آهي پر اهي ماڻهو ڏنڊا کڻي ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان ۽ پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪري اهي پنهنجا مطالبا مڃرائيندا ته ائين نه ٿيندو. هن چي?? ته اسان نٿا چاهيون ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿئي. هن چي?? ته اسان سمورن گروهن سان ڳالهيون ڪريون ٿا، ڳالهيون آئين ۽ قانون تحت ٿينديون ۽ فيصلو اسان جي عدالتي نظام موجب هوندو. وفاقي وزير چي?? ته جڏهن به ملڪ معاشي استحڪام جي طرف ويندو آهي ته ان طرح جا جٿا ٽڪراءُ جي راهه اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هن چي?? ته اسان ان معاملي جو سنجيدگي سان جائزو وٺي رهيا آهيون، اهڙي طرح جو فتنو اسلام جي خلاف سازش آهي، هن چي?? ته رستا بند ٿيڻ سان معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي، اهڙي شر انگيز سرگرميون وڌيڪ دير نٿيون هلي سگهن، وفاقي وزير چي?? ته اهڙي طرح جي مسئلن کي قومي ايشوز جي طور تي ڏسڻ گهرجي، اسان جا ??يا??تدان پنهنيجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت نه رکندا ته ملڪ ۽ قوم جي لاءِ نقصان جو سبب هوندا، ان حوالي سان قومي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي ۽ ان جو اظهار به ٿيڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اسان ٽي ٽي پي سان به ڳالهيون ڪيون آهن، اسان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو پر ڳالهيون آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ٿيڻ گهرجن، اسان ان کان ٻاهر نٿا وڃي سگهون، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پي ٽي آءِ سوا ڪروڙ ووٽ کڻي آئي آهي، اسان 20 ڪروڙ عوام جي نمائنده پارٽي آهيون، اسان کي اسلام جي قدر ۽ منزلت ۽ حرمت رسول ﷺ جو چڱي طرح پتو آهي، ٽي ايل پي وارا اسان کان وڌيڪ مسلمان نه آهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته حڪومت جو مقصد امن برقرار رکڻ هوندو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته معاملو تشدد ۽ ٽڪراءُ طرف نه وڃي، جيڪڏهن ڪو رياست جي رٽ چئلينج ڪندو ته ان تي رياست جو رد عمل ايندو، هڪ سوال تي وفاقي وزير چي?? ته تحريڪ لبيڪ سان ٻن مهينن کان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، فرانس جي سفير جو مسئلو پارليامينٽ ڏانهن موڪليو، سعد رضوي کي آزادي جو معاملو عدالتن ۾ آهي، ٽي ايل پي جي احتجاجن ۾ اسان جا پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، پوليس اهلڪارن جي خون کي اجايو نه سمجهيو وڃي، هڪ سوال تي هن چي?? ته اسان غيرذميداراڻي صحافت تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، آزاد ميڊيا جو مطلب ذميدار صحافت آهي.