اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ صنعتي ??نقلاب جاري آهي، اسان تعميراتي ??نعت بحال ڪئي، ٽيڪسٽائيل صنعت کي پنهنجي پيرن تي ??يهاريو ويو، اڄ اسان جون صنعتون پوري صلاحيت سان ڪم ڪري رهيون آهن، 2017ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ ٺهندڙ رستن تي ??يندڙ لاڳت اڌ آهي، اسان ڪرپشن کان پاڪ من??وبا شروع ڪيا جن تي ڪير آڱر ن?? ٿو کڻي سگهي، جهلم جي ٻن ڦاڪن واري رستي واري من??وبي جي مڪمل ٿيڻ سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن سان رابطو قائم ٿيندو، من??وبي جي مڪمل ٿيڻ سان سياحت کي فروغ ملندو، فصلن کي مارڪيٽ تائين پهچ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن 128 ڪلوميٽر ڊ??هي جهلم – للها ڊوئل ڪيرج وي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، من??وبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، چونڊيل نمائندن ۽ جهلم جي عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم شهيدن ۽ غازين جو علائقو آهي، اسان جي قبرستانن مان شهيدن جي رت جي خوشبو ايندي آهي. هن چيو ته ڪنهن هن علائقي جي لاج رکي آهي ته اهو وزيراعظم عمران خان آهي، عمران خان جڏهن جهلم آيو ته هن واهه جي من??وبي جو افتتاح ڪيو جيڪو پڄاڻي تي پهتو. ان واهه جي تعمير بابت ملڪه برطانيا 1906ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم کي خط لکيو هو، 1906ع کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ان من??وبي کي 2020ع ۾ پڄاڻي تائين پهچايو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مون کان وڌيڪ جهلم ۽ پنڊ دادن خان کي ڄاڻي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٽي رستا نارٿ پنجاب روڊ نيٽ ورڪ جوڙين ٿا، منگلا – ميرپور روڊ ڊوئل ڪيرج وي بڻجي وئي آهي، ڪشمير مان سڄي ٽريفڪ کي ان روڊ تائين پهچي ملي وئي آهي، جهلم – للها روڊ جي ذريعي جي ٽي روڊ موٽروي سان ڳنڍجي ويندو، ڪشمير جي ماڻهن کي لاهور يا راولپندي وڃڻو نه پوندو. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو ان رستي ??ي ذريعي موٽروي تائين پهچ حاصل ڪري سگهندا جنهن سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جو سفر بچي سگهندو. هن چيو ته سيالڪوٽ موٽروي کي راولپنڊي تائين توسيع ڏيڻ جو فائدو چڪوال، جهلم، ميرپور ۽ گجرات سان گڏوگڏ اسلام آباد کي به ٿيندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ گرين ايرياز تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، اهي رستا ٺهڻ سان اسلام آباد کي ڀرپاسي وارا علائقا دستياب هوندا جنهن سان وڏي آبادي فائدو کڻي سگهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ اهڙي قسم جي من??وبن بابت ڪنهن به سوچيو نه هو، ماضي ۾ رستن جي من??وبن ۾ ڪميشن حاصل ڪئي وئي، انهن من??وبن ۾ پنهنجي ماڻهن کي نوازيو ويو، 2021ع ۾ ٺهندڙ رستي ??ي ايندڙ لاڳت 2017ع جي ڀيٽ ۾ اڌ آهي. هن چيو ته اڄ ڪرپشن کان پاڪ رستن جا من??وبا جاري آهن، انهن من??وبن تي ڪير آڱر ن?? ٿو ڻي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ صنعتي ??نقلاب آندو آهي، تعميراتي ??نعت بحال ڪئي، ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي پنهنجي پيرن تي ??يهاريو، اڄ اسان جون صنعتون پوري صلاحيت سان هلي رهيون آهن، آبادگارن کي انهن جي فصل جي پوري قيمت ملي رهي آهي، اهي اهڙا قدم آهن جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن نه کينا ويا. هن چيو ته وزيراعظم ملڪ جي 70 سالا خرابين کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، پاڪستان جي باشعور عوام جو اڄ ڪو ليڊر آهي ته اهو عمران خان آهي. ڪراچي کان خيبر تائين ۽ گوادر کان لاهور تائين عمران خان جو ووٽ بئنڪ موجود آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا پاڪستان جي ڳالهه ڪري ٿي، اسان ڪڏهن فرقيواريت ۽ صوبائيت تي ٻڌل سياست نه ڪئي. هن چيو ته من??وبي جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ جهلم سميت ٻين علائقن جي اڪانومي تبديل ٿي ويندي. سياحت کي فروغ ملندو، من??وبو شروع ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃون ٿا.