اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حس??س معاملو آهي، ڪورٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چوڌري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي ??زير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي عوام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ جو اهم ??رد??ر آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسين جي لائق آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته صحا??ين جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحا??ين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي ??نهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحا??ين جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ??رد??ر ادا ڪندا.