اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نو??ز شريف جي جعلي ميڊيڪل رپورٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، شريف ??يم??ي جعلي ميڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نو??ز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نو??ز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نو??ز شريف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپورٽ ۾ واشنگٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نو??ز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نو??ز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪستان جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته نو??ز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان ميڊيڪل رپورٽون تيار ڪرائي پاڪستان موڪلڻ پاڪستان جي عدالتي ??ظام ۽ قانونن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نو??ز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپورٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نو??ز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي ??اڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته شريف ??يم??ي جعلي رپورٽس تيار ڪرائي پاڪستان موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف ??يم??ي قانوني رستو اختيار ڪري ۽ پاڪستان جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سختي سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.