اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تعمير ۽ ترقي ??ي يقيني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ روزگار جا و??يع موقعا پيدا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي ??ي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.