اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اڳوڻي ??در رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته رفيق تارڙ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، ڏک جي ان گهڙي ۾ وارثن جي ڏک ۾ برا??ر جا شريڪ آهيون. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پوئينرن کي ص??ر ج??يل عطا فرمائي.