اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ ??بي?? چيو آهي ته لُٽ مار ڪندڙن جو ٽولو چونڊيل وز??راعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ متحد ٿي ويو آهي ته جيئن ماضي ۾ اقتدار جي دوران لُٽيل قومي دولت کي بچائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن جي پارليامينٽ ۾ موجودگي وز??راعظم عمران خان جي ٿورن سان آهي، ڇو ته هنن پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن کٽيو هو، هن چيو ته تقريبن 170 ملين ماڻهن وز??راعظم کي ووٽ ڏنو هو ۽ سمورن اميدوارن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ٽڪيٽ جي ڪري ووٽ مليا آهن، پي ٽي آءِ جا جيڪي ميمبرن وز??راعظم عمران خان جي نالي تي ڪامياب ٿيا آهن اهي ??هرين پنهنجي سيٽن تان مستعفي ٿين ۽ نئين سري سان اليڪشن وڙهن. فرخ ??بي?? چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ماڻهو جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ڪنهن ٻي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏي. مملڪتي وز??ر چيو ته هن پنهنجي تڪ جي ماڻهن کان 125000 کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا پر ووٽ وز??راعظم عمران خان کي ڏنا ويا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي آرٽيڪل 63 اي تي صدارتي ريفرنس جي تشريح ڪري ان معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جمهوريت جي تسلسل ۽ مضبوطي جي لاءِ ضروري آهي ته سپريم ڪورٽ هارس ٽريڊنگ جو روا?? ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي تشريح ڪري، مملڪتي وز??ر فرخ ??بي?? چيو ته مخالف ڌر ڇانگامانگا طرز جي سياست کي ٻيهر متعارف ڪرايو آهي ۽ سنڌ هائوس چونڊيل ميمبرن جي وفادارين جو نيلام گهر بڻجي چڪو آهي، مخالف ڌر پاران سينيٽ اليڪشن دوران به هارس ٽريڊنگ ڪئي وئي، هن چيو ته اهو وز??راعظم عمران خان هو جنهن پنهنجي پارٽي جي ايم پي ايز ي ڪي پي ڪي مان ڪڍيو، جنهن پارٽي ڊسيپلين جي خلاف ورزي ڪئي ۽ پنهنجا ووٽ وڪرو ڪيا، ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وز??راعظم عمران خان مقبول ترين اڳواڻ آهي جنهن کي عوام جي حمايت حاصل آهي، هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي جلسن م ماڻهن کي آڻڻ لاءِ پٽوارين جي تعاون جي ضرورت نه هئي، هن چيو ته 27 مارچ تي ”عوامي ريلي پلس“ هوندي ۽ ان ۾ رڪارڊ تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت هوندي.