اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي ??لاف بي اعتمادي جي ??ٿ 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي آهي. ايوان آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت نئين قائد ايوان جي چونڊ ڪندو. ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پا??ان باقاعده چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو، حڪومتي ميمبر اسپيڪر پا??ان استعيفيٰ جي ??علان کانپوءِ ايوان مان هليا ويا. ڇنڇر ۽ آچر جي و?? واري رات 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهندڙ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بي اعتمادي جي قرارداد تي ووٽنگ دوران صدارت پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر سردار اياز صادق ڪئي. هن سمورن ميمبرن کي بي اعتمادي جي قرارداد تي ووٽنگ جي ??ريقيڪار کان آگاهه ڪيو جنهن کانپوءِ 5 منٽن جي لاءِ گهنٽيون وڄايون ويون. ميمبرن جي ??يوان ۾ اچڻ کانپوءِ هال جا داخلي دروازا بند ڪيا ويا ۽ اوپن ڊويزن جي ??نياد تي ووٽنگ جو عمل شروع ڪيو ويو ان دوران تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿيڻ کان هڪ منٽ اڳ پينل آف چيئرپرسن جي ميمبر اياز صادق اجلاس ڪجهه منٽن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي جي ??اقاعده شروعات قرآن پاڪ جي ??لاوت، حديث، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ قومي تراني سان ڪئي وئي جڏهن ته نئين ايجنڊا ميمبرن ۾ ورهائي وئي. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 25 جولاءِ 2018ع جي ??ام چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آئي ۽ عمران خان 18 آگسٽ 2018ع تي وزارت عظميٰ جو حلف کنيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??تحادي پا??ٽين ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان، مسلم ليگ (ق)، عوامي مسلم ليگ، جي ڊي اي، بي اي پي ۽ ڪجهه ٻيا آزاد ميمبر شامل هئا. عمران خان 3 سال 7 مهينا 21 ڏينهن تائين وزارت عظميٰ جي ??هدي تي فائز رهيو. عمران خان پا??لياماني تاريخ جو پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي باقاعده آئيني طريقيڪار تحت بي اعتمادي جي قرارداد جي ??ريعي پنهنجي ??هدي تان هٽايو ويو. ان کان اڳ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي ??لاف بي اعتمادي جي ??ٿ آندي وئي جيڪا ناڪام رهي ان کانپوءِ 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي ??لاف پڻ مخالف ڌر جي ??ي اعتمادي رٿ ناڪام رهي. پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، اي اين پي، جمهوري وطن پا??ٽي سميت ٻين پا??ٽين ۽ آزاد مخالف ڌر ميمبرن پا??ان وزيراعظم عمران خان جي ??لاف 8 اپريل تي بي اعتمادي جي ??ٿ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي جنهن کانپوءِ حڪو??ت جي اتحادي پا??ٽين، بي اي پي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق) جي ڪجهه ميمبرن پڻ مخالف ڌر سان تعاون ڪرڻ جو اشارو ظاهر ڪيو اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان جي ??لاف بي اعتمادي جي قرارداد مجموعي طور تي 174 ووٽن سان ڪامياب ٿي وئي. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر پڻ پنهنجي ??هدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، اهڙي طرح نئين اسپيڪر جي ونڊ جي لاءِ پڻ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ چونڊ شيڊيول جو اعلان ڪندي ۽ قائد ايوان جي چونڊ کان اڳ نئين اسپيڪر جي چونڊ پڻ ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پڻ پنهنجي ??هدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي اهڙي طرح اسپيڪر سان گڏ نئين ڊپٽي اسپيڪر جي پڻ چونڊ آئين ۽ قومي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت عمل ۾ آندي ويندي. پي ٽي آءِ جي مبينا منحرف ميمبرن رانا قاسم نون، نور عالم خان، راجا رياض، وجيهه اڪرم، نزهت پٺاڻ، عامر لياقت حسين، ڊاڪٽر افصل ڍانڍلا، رياض مزاري، طلال گوپانگ، باسط بخاري سميت ٻين ميمبرن قرارداد جي ??ق ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. چوڌري شجاعت حسين جي پت ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبر چوڌري سالڪ حسين پڻ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو ۽ آخر تائين ايوان ۾ موجود رهيا.