اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف وزيراع??م آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ ??روع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳي آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳي کلنديون آهن، وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳي بدران 8 وڳي کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي آفيس سنڀاليندي ئي عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلان?? تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلان?? تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگه?? تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلان?? تي فوري طور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراع??م آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام ج?? خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام ج?? خدمت ڪنداسين، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.