اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايوان صدر ڪشمير معاملن واري وزارت سان رابطي ۽ مشاورت کانپوءِ آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبل?? جي ميمبرن ۽ ٻين سياسي نمائندن کي دعوت ڏيندو، اجلاس ۾ والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن جي خلاف ڀا??تي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بين موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير صدر کان آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير جي حڪومت لاءِ مناسب بجيٽ مختص ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. وزيراعظم آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير چيو ته آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير جي ت??قي ۽ خوشحالي ۽ ڪشميري پناهگيرن جي وڌندڙ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي مناسب بجيٽ مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀا??ت جي نيشنل انويسٽي گيشن ايجنس?? جي خصوصي عدالت پاران حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي غير قانوني ۽ سياسي بنيادن تي عمر قيد جي سزا جي سخت مذمت ڪئي، هن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀا??تي سيڪيورٽي فورسز پاران والاري?? ڪشمير جي مسلمانن ۽ ڀا??ت جي ٻين اقليتن جي خلاف انساني حقن جي خلاف ورزين جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺن.