اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پرو??يش??لز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ جي لاءِ هنرمند انساني وسيلن جي انگ ۾ تيزي سان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پ??را?? جاري بيان موجب صدر چ??و ته شاگرد بهتر فيصلاسازي جي لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪن، شاگرد پنهنجي لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شاگرد ماضي جي تجربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان دستياب علم مان فائدو کڻن. هن چ??و ته نوجوانن کي غلط معلومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگرد رسول الله ﷺ جي سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻهن جي تجربن جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شاگردن جي ڪردار کي خاص اهميت ڏيندو هو، بطور صدر پاڪستان عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ قومي اهميت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چ??و ته قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ ه??رمند انساني وسيلا قومن جي پائيدار ۽ تيز رفتار ترقي جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وسيلن جي غيرموجودگي ۾ قدرتي وسيلن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چ??و ته تعليمي ادارا شاگرد ۽ علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن، تعليمي ادارا قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قابل ۽ هنرمند پيشيواراڻي ماڻهن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائين.