اسلام آبا?? – 09 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرسان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب صدر چيو ته اهڙا بزدل??ڻا حملا ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇوٽڪار?? ڏيارڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.