اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، عوام تي مهانگائ?? جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊ?? جو شفاف ۽ م??ثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ??رجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ??روري شين ??ي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين ??بسڊي جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پ??وگ??ام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پ??وگ??ام جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پ??وگ??ام تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين ??ي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين ??بسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين ??بسڊي جي فراهمي سان مستحقين ??ائين ??ڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پ??وگ??ام جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي پ??وگ??ام مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پ??وگ??ام کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻهن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب عوام تي مهانگائ?? جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب عوام کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميدار?? جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.