??سل??م آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اڄ وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي و??د ملاقات ڪئي، عوام جي اميدن ۽ وزيراعظم جي ترجيحن جي حوالي سان ڳال??ه ٻولهه ٿي، ايم ڪيو ايم وزيراعظم جي ويزن 2020ع جو حصو رهندي، وزيراعظم ڪراچي جي لاءِ 162 ارب جو پئڪيج ڏئي چڪو آهي، راڻا ثناءُ الله پنهنجي ڪيس کي سياسي رنگ ڏيڻ جي لاءِ پورو زور لڳائي رهيو آهي، خاص عدالت جو قيام ڪابينا جي منظوري کانسواءِ نواز شريف ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف ڪيس ۾ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو، اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ??ياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ??روري آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ حڪومتي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم سان وفاقي وزير اسد عمر جي قيادت ۾ حڪومتي وفد تفصيلي ملاقات ڪئي.