??سل??م آباد – 08 مئي (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سا?? جاپان جي سفير ڪونينورو مٽسودا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن، ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال ۽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستا?? جاپان سان لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جاپان آزمائش جي گهڙيءَ ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو.