اسلام آ??اد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا شه??ين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي عيدالاضحي?? تي ايس او پيز تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪي سگهجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چ??و ته اسان کي عيدالاضحي?? تي هڪ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، بحيثيت قوم اها اسان جي گ??يل ذميواري آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي مڪمل عمل ڪريون.