اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي سببن ۽ اثرن تي ضابطو آڻڻ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاڳو ٿيندا. اهو ئي وقت آهي ته دنيا اڳتي اچي ۽ گڏجي ان چئلينج جو مقابلو ڪري. موسمياتي تبديلي بابت چوٿين سالياني آسٽرين ورلڊ ??مٽ جي مناسبت سان پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ کان 20 سال اڳ موسمياتي تبديلي جي معاملي کي سنجيده نه ورتو ويندو هو پر اڄ دنيا ان کي هڪ حقيقت سمجهندي آهي، هن چيو ته گرمي پد ۾ غير ??عم??لي اضافو، گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتار ۾ تيزي، ٻيلن ۾ آتشزدگي ۽ سامونڊي طوفان ??عم??ل جا و??قع?? بڻجندا پيا وڃن. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن عالمي برادري موسمياتي تبديلين جي مسئلي تي ڌيان نه ڏنو ته اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي شديد خطرا لاحق ٿيندا.