اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ س?? پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن ايڪس??ري?? وي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? هن چيو ته 790 ڪلوميٽر ڊگهو اهو رستو ٺاهيو، هلايو ۽ منتقل ڪريو جي پاليسي تحت تعمير ٿيندو، وڏي ٽريفڪ ۽ وڌندڙ حادثن جي ڪري ان روڊ جي تعمير لازمي آهي.