اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي ۽ ماڻهو کي روزگار جا م??قع?? ميسر ايندا، پنجاب حڪومت تعميراتي ڪم جي حوالي سان مليل درخواستن کي مروج قانون موجب جلد منظور ڪري ۽ تعميراتي شعب?? بابت مسئلا فوري حل ڪيا وڃن، اه??ن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جو موسمياتي ت??ديل?? بابت خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سياسي رابطن لاءِ وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار شهباز گل، وف??قي ۽ صوبائي سيڪريٽرين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته بئنڪن پاران نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت گهرن جي ت??مير لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.