اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدائش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين صدي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي ??تحاد جي ??لامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي ??صولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به بهتر بڻائي سگهون ٿا، اسپيڪر مشهور مورخ اسٽينلي ولپرٽ جو حوالو ڏنو جنهن قائداعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو هو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن ??نهن ??اريخ کي بدلايو آهي، انهن ماڻهن ??و تعداد ان کان گهٽ آهي جنهن ??نيا جي نقشي کي تبديل ڪيو هجي ??ايد ئي ڪنهن کي هڪ نظرياتي رياست بڻائڻ جو امتياز حاصل هجي،محمد علي جناح اهو واحد اڳواڻ آهي جنهن کي اهي ٽئي امتياز حاصل آهن.