اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان دوران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع تائين قومي ??سيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ا??پي??ر اسد قيصر چيو ته صرف موثر قانونسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چئلينجن جي باوجود 2020ع ۾ قومي ??سيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا ميمبر موثر قانونسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا، ا??پي??ر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي بري طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چئلينجن جي باوجود قومي ??سيمبلي ثابت قدمي ??ان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان قومي ??هميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سو??لن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع دوران ايوان جي قانونسازي جي شعبي ۾ ايوان جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.