اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان و??اق?? حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي ??وا??ي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي ??ي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فروغ جي ??وا??ي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعليم جي ??وا??ي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري و??اق?? وزير شفقت محمود، تعليم واري سيڪريٽري ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪريٽري، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري و??اق?? وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليم واري وزارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعليم جي ??وا??ي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز فار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي ??وا??ي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.