اس??ام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آه?? ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آه??، افغانستان ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغانستان جي مسعود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم احمد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پ??ڪس??ان ۽ افغانستان ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آه??، هن افغان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي مرحوم احمد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چ??و ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آه?? ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آه??. وزيراعظم چ??و ته افغانستان کانپوءِ پ??ڪس??ان، افغانستان ۾ امن جي قيام جو سڀني کان وڏو خواهشمند آه??. ڇاڪاڻ جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آه??. افغان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پ??ڪس??ان بين الافغان ڳالهين جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آه??. بين الافغان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ افغان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.