اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ اض??في کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۽ مخصوص ضلعن ۾ تعليمي ادارن جي بندش جي مدت 11 اپريل تائين وڌائڻ جو اعلان ??يو. 11 اپريل تائين صوبن جي صوابديد موجب وڌيڪ تناسب وارن ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند رهندا. تعليم وارو وزير ان فيصلي جي اعلان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ تعليم جي بين الصوبائي وزيرن جي گڏجاڻي کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??يو. هن چيو ته ان وبا جي موجوده لهر ۾ مسلسل اض??فو ڏسڻ ۾ اچي پيو.