اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ??يشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف س??ن ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي ??زير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پاڪستان مان وچ ??يشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سان سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي تاشقند جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ??يشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ??ن ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازبڪستان جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانستان جي سمورن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازبڪستان جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمون پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.