لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قي??ت تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جامع طريقيڪار جوڙيو وڃي، پوليس سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي ب??تر?? جي حوالي ??ان کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي ??فضل ۽ آءِ جي پنجاب سردار علي ??ان شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي ??فض?? وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو ويندو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ سهرين کي بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قي??ت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ت??جي?? آهي، پنجاب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان کي آءِ جي پنجاب سردار علي ??ان سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ت??جي??ن تي بريفنگ ڏني. پنجاب پوليس عوام جي بنيادي مسئلن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت لاءِ وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي گهٽ قي??ت تي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس اسٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي لاءِ موثر ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.