اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روشن ڊ??جيٽل اڪائونٽ جي انگ ۾ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو. هن اها ڳالهه اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر سان ڳالهائيندي ڪئي جنه?? ساڻس ملاقات ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي معاشي بحالي، روشن ڊ??جيٽل اڪائونٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ تي بريفنگ ڏني. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مجموعي طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين هيستائين 2 لک چار هزار روشن ڊ??جيٽل اڪائونٽ کولرايا. هن ٻڌايو ته اڪائونٽس جي انگ ۾ روزاني جي بنياد تي اٽڪل هڪ هزار اڪائونٽس جو اضافو ٿي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته روشن ڊ??جيٽل اڪائونٽ ۾ هيستائين ٻاهرئين ملڪ مان 2.3 ا??ب ڊالر موڪليا ويا آهن.