اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ??ڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص ??هميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر نار رياست قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص ??هميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ??ين??ي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظه??ر ڪيو. قطري سفير قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دوحه فورم ۾ شرڪت جو دعوتنامو ڏنو. قطر جي سفير پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي هر ممڪن ??عاون جي خاطري ڪرائي.